جنگو جماليءَ جو قبو

جنگو جماليءَ جو قبو: ڪلهوڙن جي دؤر جو هيءُ مقبرو ٽنڊي رحيم خان کان 3- 4 ڪلوميٽر اتر ۾ ھليلي جي قبرستان ۾ موجود آهي. جنگو جمالي پنھنجي دور جو دلير مڙس ھو. ھن جون بلي سان جنگيون مشھور آھن، جيڪي لوڪ روايتن ۾ آيل آھن. سندس مقبرو گچ ۽ گل گاري سان ٺھيل آھي. مقبري جي اڏاوت اعليٰ نموني جي آھي. اھڙا ٻيا قبا الھياراڻي قبرستان ۽ ميان نصير محمد جي قبرستان ۾به آھن. جنگو جمالي ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي طرفان ٽنڊي رحيم واري لڪ جو نگھدار ھو. ’جنگناما‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنگي جماليءَ جو ذڪر ڪيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو